بهاءُ الله بهائي

بهاءُ الله بهائِي: 19 صدي عيسويءَ ۾، ايران ۾ علي محمد شيرازي ”باب“ لقب جي ڪري گهڻو مشهور ٿيو. علي محمد شيرازي هڪڙي تاجر جي گهراڻي ۾، 1 محرم 1235هه/ 20 آڪٽوبر 1819ع تي ڄائو. سندس پيءُ جو نالو محمد رضا ۽ ماءُ جو نالو فاطمہ بيگم هو. اڃا ٻن سالن جو مس هو ته سندس پيءُ وفات ڪئي. مامي سندس پرورش ڪئي. ابتدائي تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ مامي سان گڏ ’بزازيءَ‘ جو ڪم شروع ڪيائين ۽ تجارتي ڪاروبار لاءِ ’بوشهر‘ روانو ٿيو. ’بوشهر‘ ۾ اچي علي محمد، رياضتن، مراقبن ۽ باطني ڪمن ۾ مصروف ٿي ويو. نٽهڻ اُس ۾، ڇت تي وڃي اگهاڙي مٿي سج جي سامهون ڪلاڪن جا ڪلاڪ بيٺو رهندو هو ۽ وظيفو ڪڍندو هو. هڪ دفعي ڪربلا جي زيارت جي سفر ۾ شيخ احسانيءَ جي خليفي ڪاظم رشتيءَ (1259هه/ 1843ع) سان مليو ۽ ان کان تعليم ورتائين، ان بعد سندس غالي مريدن ۾ شامل ٿي ويو. ڪاظم رشتيءَ جو خيال هو ته امام غائب جي ظهور جو وقت اچي ويو آهي، انهيءَ ڪري وفات کان اڳ پنهنجن مريدن کي امام مهديءَ جي تلاش ۾ سڄي ايران ۾ پکيڙي ڇڏيائين. ان وقت علي محمد به ڪاظم رشتيءَ جي ڪن مريدن کي ساڻ ڪري ڪوفي جي هڪڙي مسجد ۾ وڃي چلو ڪڍڻ لڳو ۽ 5 جمادي الاول 1260هه/ 23 مئي 1844ع تي ”باب“ هجڻ جي دعويٰ ڪيائين. ان وقت سندس عمر 24 سال، 4 مهينا ۽ 4 ڏينهن هئي. ڪجهه عرصي ۾ کيس مڃڻ وارن جو تعداد 18 تائين پهچي ويو. تڏهن پاڻ سميت مڃيندڙن کي 19 شمار ڪري، انهيءَ عدد جي ’ٻي سگهه‘ (يعني 19x19 = 361) تصور ڪري، انهيءَ خيالي گروهه کي ”ڪُل شيءِ“ جو نالو ڏنائين، پر 19 ڄڻن واري انهيءَ فهرست ۾ حسن علي نوريءَ (جنهن کي علي محمد ’باب‘ پاران بهاءُ الله جو لقب ڏنو ويو) جو نالو شامل نه هو، جيڪو ”باب“ جو مريد هو، جنهن بعد ۾ ”بهائي“ مذهب جو بنياد رکيو. پوءِ ”باب“ پنهنجي هڪ سرفروش نوجوان مريد ملا محمد علي بار فروشيءَ کي ساڻ ڪري 1260هه/ آڪٽوبر 1844ع ۾ بيت الله'>حج بيت الله لاءِ بوشهر مان مڪي شريف جو سفر ڪيو. تجويز اها هئي ته انهيءَ روايت کي پورو ڪجي، جنهن ۾ لکيل هو ته اهو داعي مڪي مڪرمه مان پنهنجي دعويٰ جي شروعات ڪندو، ليڪن ماڻهن هن جي دعوت کي قبول نه ڪيو.
’باب‘ جا داعي ملڪ ۾ گهميا پئي ۽ سندن جدوجهد حڪومت جي نظر ۾ هئي. آخر هڪڙي موقعي تي ”باب“ جي مريدن شيراز ۾ ٻانگ ڏيڻ وقت هي جملو وڌايو ته ”آءٌ اقرار ٿو ڪريان ته علي نبيل (يعني علي محمد باب) کان اڳ آئينه انفاس خداوندي آهي“. تڏهن ماڻهو مشتعل ٿي ويا. انهن اهو به ڏٺو ته ”باب“ جي تحريرن ۾ اهڙيون ڳالهيون آهن، جيڪي درست ناهن. ان کان پوءِ 1261هه/ 1844ع کان وٺي حڪومت طرفان سندس گرفتاريءَ، رهائيءَ ۽ گرفتاريءَ جو سلسلو هلندو رهيو. 1266هه/ 1850ع ۾ بابي اڳواڻن بهاءُ الله (حسن علي نوريءَ) جي هدايت تي هڪڙو اجلاس ڪيو، جنهن جو مقصد هو ته باب کي جيل مان ڇڏائڻ جو بندوبست ڪجي. انهيءَ سلسلي ۾ اهو طيءِ ٿيو ته ’بابي‘ گهڻائيءَ ۾ گڏ ٿي، شاهه ايران جي خلاف احتجاج ڪن ۽ طاقت جي زور تي ”باب“ کي ڇڏائي وٺن. ڪانفرنس کان پوءِ جناب قدوس ۽ قرة العين گڏجي هڪڙي ئي ڪجائي ۾ سفر ڪيو، جيڪو خود بهاءُ الله هنن لاءِ تيار ڪرايو هو. قرة العين روزانو هڪڙو غزل لکي حدي خوانن کي ڏيندي هئي، جيڪي رستي ۾ ڳائيندا هلندا هئا. آخر ۾ 2 هزار بابين جي جماعت مزر شهر کي مرڪز بنائي ويهي رهي. هنن هٿيار گڏ ڪيا، کاهيون کوٽيون، رسد جي فراهمي اردگرد جي آبادين مان زوريءَ ورتائون. مؤرخن ’بابين‘ جي عوام سان ٿيل ڏاڍاين کي وڌائي چڙهائي بيان ڪيو آهي. جنگ جي خاتمي کان پوءِ ”باب“ کي وري تبريز آندو ويو ۽ سندس ٻن مريدن، ملا محمد علي يزديءَ ۽ آغا سيد حسين کي گوليءَ سان اُڏائڻ جي تجويز ڏني وئي. جڏهن انهن ٽنهي کي تبريز جي بازار مان وٺيو ٿي ويا ته ماڻهن مٿن ملامت ڪئي. آغا سيد حسين، بابي عقيدي کان توبهه ڪئي، باقي ’باب‘ ۽ محمد علي يزديءَ کي تبريز ڇانوڻيءَ جي هڪ عيسائي پلٽڻ ۾ آچر جي ڏينهن، 28 شعبان 1266هه/ 9 جولاءِ 1850ع تي ٻنپهرن جو قتل ڪيو ويو. سندس لاش ڪيترن ڏينهن تائين رستن تي گهلبو رهيو. آخر ۾ جانورن جي کاڄ لاءِ جهنگ ۾ اڇلايو ويو. بابي روايت موجب ’باب‘ جا مريد اڌ رات جو لاش مخفي طرح کڻي ويا ۽ پنجاهه سالن تائين لڪائي رکيائون. آخر عبدالبها جو لاش ايران کان فلسطين ۾ آڻي، ڪوه ڪرسل تي هڪڙي هنڌ دفن ڪيو ويو. هاڻي ان قبر واريءَ ايراضيءَ کي ”مقام اعليٰ“ چيو وڃي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1235.01.01  هجري

بهاءُ الله بهائِي: 19 صدي عيسويءَ ۾ ، ايران ۾ علي محمد شيرازي ” باب “ لقب جي ڪري گهڻو مشهور ٿيو . علي محمد شيرازي هڪڙي تاجر جي گهراڻي ۾ ، 1 محرم 1235هه/ 20 آڪٽوبر 1819ع تي ڄائو .


1819.10.20  عيسوي

بهاءُ الله بهائِي: 19 صدي عيسويءَ ۾ ، ايران ۾ علي محمد شيرازي ” باب “ لقب جي ڪري گهڻو مشهور ٿيو . علي محمد شيرازي هڪڙي تاجر جي گهراڻي ۾ ، 1 محرم 1235هه/ 20 آڪٽوبر 1819ع تي ڄائو .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سليمان قاضي ڊاڪٽر
خانبهادر شيخ صادق علي انصاري
ارجن ڪرشن
رحمت الله مخدوم صدر ٺٽوي
بلو مؤمن
ساڌو نولراءِ
ڇٽو فقير ڪوريجو
خدابخش مري جسٽس
شير محمد ٻرڙو
قاضي نظر محمد
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون